ساري(چانور) پاڪستان جي مکيه فصلن ۾ شمار ٿئي ٿو، ڪڻڪ کان پوءِ جيڪا وڏي مقدار ۾ کاڌي وڃي ٿي. ساريون صرف چانورن جي صورت ۾ نه پر اٽي جي صورت ۾ به استعمال ڪيو وڃن ٿيون، جن ۾ ايري جنسون شامل آهن.
پاڪستان زرعي ملڪ هئڻ باوجود صرف هن واحد جنس(سارين) ۾ پاڻ ڀرو ۽ چاليهه سالن کان نيٽ ايڪسپورٽر آهي. پاڪستان ۾ ساريون تمام وڏي ايراضي تي پوکيو وڃن ٿيون پر گذريل ٻن سالن کان پاڻي جي تنگي (گهٽ هجڻ) جي ڪري ڪجهه علائقن ۾ سارين جي پوکي تي پابندي هنئي وئي آهي، جن علائقن ۾ سارين جي پوکي تي پابندي ناهي يا جيڪي آبادگار ساريون پوکڻ چاهن ٿا، اُنهن جي رهنمائي لاءِ ڪجهه صلاحون هيٺ ڏجن ٿيون. اُميد ته انهن تي عمل ڪري آبادگار وڌ کان وڌ پيداوار حاصل ڪندا.
جئين ته سارين جي پوکي ٻن طريقن سان ڪئي وڃي ٿي، جن مان هڪ پراڻو طريقو، ڇٽ وسيلي پوکي ڪرڻ ۽ ٻيو رونبي وسيلي پوکي ڪرڻ. ڇٽ وارو طريقو پراڻو (اوائلي) طريقو آهي جنهن سان پيداوار گهٽ ملي ٿي ان ڪري آبادگار ڀائرن کي گذارش آهي ته ڇٽ وسيلي پوکي کان پاسو ڪن، ڇو ته ڇٽ وسيلي پوکي ڪرڻ سان خرچو به ساڳيو ٿو اچي جيڪو رونبي وسيلي اچي ٿو. ٻيو ته وقت به اوترو ئي لڳي ٿو ۽ پيداوار پڻ گهٽ ملي ٿي. انهي ڪري رونبي وارو طريقو استعمال ڪرڻ مناسب ٿيندو.
ٻيجارو تيار ڪرڻ:
ٻيجاري جي پوکي لاءِ پاڻي جي پهچ کي ويجهو، مٿاهين سطح واري چيڪي، لٽياسي يا هلڪي ڪلراٺي زمين موزون آهي، ٻيجاري جي پوکي کان پهريائين زمين مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي، کيڙي، چڱي طرح ڀور ڀور ڪري، زمين هموار ڪرڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ هڪ ايڪڙ جو ٻيجارو تيار ڪرڻ لاءِ اڌ اڌ ويسي جون ٻه ٻاريون ٺاهڻ واري حساب سان، ٻاريون ۽ انهن جي وچ ۾ ناليون اهڙي نموني ٺاهجن جو هر هڪ ٻاري کي الڳ الڳ پاڻي ڏيئي سگهجي يا اضافي پاڻي نيڪال به ڪري سگهجي. ٻاجاري پوکڻ جو طريقو هي آهي ته ٻارين ۾ وٿاڻ جو سُڪل ڀاڻ، ڪُٽو يا چڻن، مٽرن ۽ لوسڻ وغيره جو ڦرو يا بُٺو وغيره وڇائي، ان کي باهه ڏجي، جڏهن ڀاڻ يا ڪُٽو، ڦرو يا بُٺو سڙي وڃي ۽ ٻاريون ٿڌيون ٿي وڃن ته 7 کان 8 ڪلو گرام ٻج اڌ ويسي جي ٻاري جي حساب سان پوکجي ۽ جلد ئي پاڻي ڏجي، ٻيجاري پوکڻ کان10-15 ڏيهاڙن پوءِ اڌ ڪلو گرام يوريا ڀاڻ في اڌ ويسي جي ٻاري ۾ ڏجي.
رونبي لاءِ زمين ۽ تياري:
ساريون هونئن ته تقريبن هر قسم جي زمين ۾ پوکجي سگهجن ٿيون پر في ايڪڙ پيداوار وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ چيڪي، لٽياسي ۽ هلڪي ڪلراٺي زمين جي چونڊ سارين جي بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ موزون رهندي. سارين جي پوکي لاءِ زمين مان گندگاهه ڪڍي، هڪ ٻه اونها هر ڏئي، سنوت ۾ آڻي ٻارا ٺاهڻ گهرجن. اهڙي تيار زمين ۾ ٽي چار سڪي جا هر ڏئي ڀتر ڀڃجن، تيار ڪيل زمين ۾ رونبي کان4-6 ڏينهن اڳواٽ ريج جو پاڻي ڏجي ۽ پوءِ جڏهن پاڻي جي سطح هيٺ لهي هڪ انچ بيهي، ته ٻوٽن ۽ قطارن وچ ۾ اٺ انچن جي مفاصلي تي، هر هڪ جاءِ ( مراهي) تي ٽي - ٽي سلا رونبو ڪجن. مناسب پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ايڪڙ ۾ هڪ لک ٻوٽا رونبو ڪرڻ گهرجن.
ڀاڻ جو استعمال:
رونبي کان هڪ ڏينهن اڳ يا 6-7 ڏينهن اندر هڪ ٻوري ڊي اي پي ۽ اڌ ٻوري يوريا ڏيڻ گهرجي ۽ رونبي کان 20-25 ڏينهن کان پوءِ اڌ يا مُني ٻوري يوريا ڏيڻ گهرجي، اُهو خيال رکڻ گهرجي ته ڀاڻ ڪڏهن به ماڪ ۾ نه ڏيڻ گهرجي بلڪه ماڪ سڪي وڃڻ بعد ڏيڻ گهرجي.
Wednesday, April 14, 2010
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
Followers
Blog Archive
-
▼
2010
(11)
-
▼
April
(11)
- Sanghar areas Agriculture
- Cotton production in Sindh
- Agriculture sector of Sindh province
- agricultural products
- Economy depends on Agriculture
- Water management
- Agriculture Markets
- زراعت جي شعبي ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون آهن
- سارين جي پوک ڪندڙ آبادگارن لاءِ صلاحون
- زميندار ۽ هاريءَ
- government in Pakistan's agriculture sector
-
▼
April
(11)
About US
- Communicator
- Department of Mass Communiaction,University of Sindh, Jamshoro, Pakistan
- iam students of Mass Communication Department, University of Sindh as a part of their online journalism activities,this blog created. The visitors are welcomed to read or Comment to us. Thanks......................... Blogger:- Mahmood Mangrio,
Good effort. In online journalism photos and paragraphs are must for readablity
ReplyDeleteThis seems to be lifted material, if so acknowledge it. Write your own pieces also and try to write in English.
ReplyDelete